- Advertisement -
پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي غير قانوني سمون مرحليوار بند ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو.
جمعي کان پهرين مرحلي ۾ جعلي سمون ۽ رد ٿيل سڃاڻپ ڪارڊ تي سمون بند ٿيڻ شروع ٿي ويون.
ذريعن موجب، نادرا مان حاصل ٿيندڙ ڊيٽا جي بنياد تي غير قانوني سمون بند ڪيون پيون وڃن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻئي مرحلي ۾ مدي خارج سڃاڻپ ڪارڊن تي نڪتل سمون بند ڪيون وينديون ۽ ٽئين مرحلي ۾ فوتين جي نالي تي رجسٽرڊ سمون بند ڪيون وينديون.
ذريعن موجب، موبائل سمن جي بندش کان اڳ واهپيدارن کي آگاهي ميسيج اماڻيا ويا ۽ انهن پيغامن ۾ سمن بابت ڊيٽا جي اپڊيٽ ڪرڻ جو چيو ويو.
پي ٽي اي ذريعن جو چوڻ آهي ته موبائل سمن جو غيرقانوني استعمال ڪنهن به صورت ۾ قبول ڪرڻ جوڳو ناهي، جعلي سمون مختلف غيرقانوني سرگرمين ۾ استعمال ڪيون پيون وڃن..- Advertisement -
