- Advertisement -
صدر آصف زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي ميزباني ۾ وچ اوڀر جي صورتحال بابت آل پارٽيز ڪانفرنس اڄ ٿيندي.
ذريعن موجب آل پارٽي ڪانفرنس ۾ ملڪ جي سياسي قيادت شرڪت ڪندي.
ذريعن موجب آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ وچ اوڀر ۾ پيدا ٿيل صورتحال، فلسطين ۾ اسرائيلي ڏوهن تي غور ٿيندو.
حڪومتي ذريعن موجب آل پارٽيز ڪانفرنس جو مقصد فلسطين جي مظلوم عوام لاءِ سياسي پارٽين سان گڏ ايڪي جو پيغام ڏيڻ آهي.
حڪومتي ذريعن موجب آل پارٽيز ڪانفرنس فلسطين ۽ وچ اوڀر ۾ پيدا ٿيل صورتحال جي ڀيٽ ۾ قومي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ آهي.
اي پي سي ۾ شرڪت لاءِ بلاول ڀٽو زرداري، حافظ نعيم الرحمان، مولانا فضل الرحمان، علامه ساجد نقوي، محمود خان اچڪزئي، اختر جان مينگل، ايمل ولي، علامه ساجد مير، آفتاب شير پائو، اويس نوراني کي به دعوت ڏني وئي.
ذريعن موجب ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ مخالف ڌر پارٽين خاص طور تحريڪ انصاف، ايم ڊبليو ايم جي قيادت کي به دعوت ڏني ويندي.
فلسطين ۽ ڪشمير مسئلي تي پوري قوم جو موقف هڪجهڙو ۽ اي پي سي جي پچاڻي تي اتفاق راءِ سان پڌرنامو جاري ڪيو ويندو.- Advertisement -
