ميانوالي ۾ سي ٽي ڊي ۽ دهشتگردن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران فتنه الخوارج جا 7 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته 8 فرار ٿي ويا

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ميانوالي ۾ سي ٽي ڊي ۽ دهشتگردن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران فتنه الخوارج جا 7 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته 8 فرار ٿي ويا.

سي ٽي ڊي ترجمان جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جي گرفتاري لاءِ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي جنهن دوران دهشتگردن سي ٽي ڊي ٽيم مٿان فائرنگ ڪئي، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 7 دهشتگرد موقعي تي مارجي ويا.

سي ٽي ڊي ترجمان موجب، دهشتگردن جي قبضي مان 6 دستي بم، سيفٽي فيوز وائر، 7 ڪلاشنڪوف، گوليون ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو ويو جڏهن ته فرار دهشتگردن جي گرفتاري لاءِ سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي.

اختيارين جو چوڻ آهي ته سي ٽي ڊي ٽيمن مڪڙوال ڀرسان ناڪابندي ڪئي وئي آهي، مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي، دهشتگردن ميانواليءَ ۾ وڏي حملي جي رٿا بندي ڪئي هئي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.3 ° C
27.3 °
27.3 °
27%
4.1m/s
0%
آچر
27 °
سُومر
32 °
اڱارو
31 °
اربع
31 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون