- Advertisement -
صدر آصف علي زرداريءَ سان مسجد نبوي جي امام ڊاڪٽر صلاح بن محمد البدير ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران صدر آصف علي زرداريءَ چيو ته مسلمان امت کي آڏو چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ مسلمان ملڪن ۾ اتحاد ۽ سهڪار جي ضرورت آهي، پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ عقيدي، تاريخ ۽ ڀائيچاري تي ٻڌل بهترين لاڳاپا آهن.
هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن.
صدر آصف علي زرداريءَ پاڪ سعودي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ واري عزم جو ورجاءُ ڪيو.
صدر چيو ته سعودي عرب ويجهو دوست آهي، پاڪستان سدائين سعودي عرب سان گڏ بيٺل رهندو.
مسجد نبوي جي امام چيو ته سعودي عرب جي قيادت ۽ عوام پاڪستان سان لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو.- Advertisement -
