- Advertisement -
سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ييلو لائن بي آر ٽي جي اڏاوت تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ جي صدارت هيٺ ييلو لائن بي آر ٽي بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، مينيجنگ ڊائريڪٽر سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ڪمال دايو، عالمي بئنڪ جي نمائندي لنڪن فلور ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران ييلو لائن بي آر ٽي جي اڏاوتي ڪم تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو، بي آر ٽي ڊيپو تي ڪم شروع ڪرڻ ۽ ڄام صادق پل جي هلندڙ تعميراتي ڪم سميت مختلف پاسن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
شرجيل انعام ميمڻ ييلو لائن بي آر ٽي منصوبو وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ روزانو جي بنياد تي ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
سندس چوڻ هو ته سموريون ڌريون رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪن.
عالمي بئنڪ طرفان منصوبي لاءِ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي.
شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته ييلو لائن منصوبو ڪراچيءَ جي شهرين لاءِ اهميت وارو آهي، ان کي جلد مڪمل ڪرڻ سنڌ حڪومت جو عزم آهي.
سينيئر صوبائي وزير چيو ته ييلو لائن بي آر ٽي سان ڪراچيءَ جي شهرين لاءِ سفر ۾ وڌيڪ آسانيون پيدا ٿينديون، منصوبو ڪراچيءَ جي مصروف روڊن تي ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.- Advertisement -
