صدر آصف علي زرداري جشن آزادي جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي ڇوٽ جو اعلان ڪيو آهي.
ايوان صدر جي پريس ونگ طرفان جاري ڪيل بيان موجب، صدر آئين جي آرٽيڪل 45 تحت سزائن ۾ گهٽتائي جي منظوري ڏني.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته سزائن ۾ گهٽتائي قتل، جاسوسي ۽ رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث قيدين تي لاڳو نه ٿيندي.
ايوان صدر جي پريس ونگ طرفان جاري ڪيل بيان موجب، سزائن ۾ گهٽتائي زنا، چوري، ڦرلٽ، اغوا ۽ دهشتگردي ۾ سزا مليل ڏوهارين تي لاڳو نه ٿيندي، سزا ۾ گهٽتائي مالي ڏوهن ۽ قومي ناڻي کي نقصان پهچائيندڙ جوابدارن تي لاڳو نه ٿيندي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته سزا ۾ گهٽتائي انهن ماڻهن تي لاڳو نه ٿيندي جن کي فارن ايڪٽ، 1946 ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول (ترميمي) ايڪٽ 2022 تحت سزا مليل آهن.
ايوان صدر جي پريس ونگ طرفان جاري ڪيل بيان موجب، سزا ۾ گهٽتائي 65 ورهين کان مٿي عمر وارن مرد قيدين تي لاڳو ٿيندي جن پنهنجي قيد جو ٽيون حصو پورو ڪيو آهي. سزا ۾ گهٽتائي 60 سالن کان مٿي عمر جي عورت قيدين تي به لاڳو ٿيندي جن پنهنجي قيد جو ٽيون حصو ڪاٽي ڇڏيو آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته سزا ۾ گهٽتائي جيل ۾ ٻارن سان گڏ جيل ۾ موجود عورت قيدين تي به لاڳو ٿيندو، ٽيون حصو قيد ڪاٽيندڙ 18 ورهين کان گهٽ عمر جي ماڻهن تي به سزا ۾ گهٽتائي لاڳو ٿيندي……….