تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

قوم جي محبت ڏسي کيس خوشيءَ ۾ ننڊ نه اچي رهي آهي: قومي هيرو ارشد نديم

- Advertisement -
پيرس اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪندڙ قومي هيرو ارشد نديم چيو آهي ته قوم جي محبت ڏسي کيس خوشيءَ ۾ ننڊ نه اچي رهي آهي، گوڏي جي سرجري کانپوءِ ٻه ڀيرا زخمي ٿيڻ باوجود ڪوچ ۽ فزيو حوصلو ڏنو، هو ۽ نيرج چوپڙا تمام گهڻا سٺا دوست آهن پر ميدان ۾ هر ڪو پنهنجي ملڪ لاءِ ڪوشش ڪندو آهي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي ارشد نديم چيو ته ٽوڪيو اولمپڪس بعد پيرس اولمپڪس لاءِ تمام گهڻي محنت ڪئي هئي، 2016ع ۾ پهريون انٽرنيشنل ايونٽ کيڏيو، 8 آگسٽ تي محنت جو ثمر مليو. سندس چوڻ هو ته سندس ڪوچ سلمان بٽ تمام گهڻو ساٿ ڏنو، هن کيس همت هارڻ نه ڏني، فيلڊنگ تمام سٺي هئي، ٽريننگ دوران سخت محنت ڪئي ۽ قوم جون ايتريون دعائون هيون، جنهن سبب اميد هئي ته هو هن ڀيري گولڊ ميڊل کٽڻ ۾ ڪامياب ٿيندو. پيرس اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪندڙ قومي هيرو ارشد نديم چيو ته 2022ع ۾ ڪامن ويلٿ مقابلن ۾ 90 ميٽر جو رڪارڊ ٽوڙيو هو، سندس ڪوشش هوندي آهي ته بهتر کان بهتر پرفارم ڪريان، پهرين ٿرو ۾ رنراپ خراب ٿيو ۽ ٻيهر ٿرو ۾ محنت ڪئي ۽ الله جي ڪرم سان رڪارڊ ٿرو ڪيو. هن چيو ته جڏهن ٻيو ٿرو  92 ڏهائي 97 ميٽر ڪيو ته ان وقت 90 سيڪڙو يقين ٿي ويو هو گولڊ ميڊل سندس ٿيندو، پر مقابلي ۾ ورلڊ چيمپئن شريڪ هو ان لاءِ آخر تائين محنت جاري رکي ۽ محنت جو ڦل مليو. پيرس اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪندڙ قومي هيرو ارشد نديم چيو ته قوم جي محبت ڏسي کيس خوشيءَ ۾ ننڊ نه اچي رهي آهي، گوڏي جي سرجري کانپوءِ ٻه ڀيرا زخمي ٿيڻ باوجود ڪوچ ۽ فزيو حوصلو ڏنو، هو ۽ نيرج چوپڙا تمام گهڻا سٺا دوست آهن پر ميدان ۾ هر ڪو پنهنجي ملڪ لاءِ ڪوشش ڪندو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
18.3 ° C
18.3 °
18.3 °
31 %
1.5kmh
30 %
اربع
26 °
خميس
27 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
24 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون