- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف اتروزيرستان ۾ چئن دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سڪيورٽي فورسز کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ صدر آصف علي زرداري چئن دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سڪيورٽي فورسز کي ڀيٽا پيش ڪئي.
صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪارروايون ڪري رهي آهي.
هن چيو ته سموري قوم دهشتگردي خلاف متحد آهي.
صدر آصف علي زرداري چيو ته دهشتگردي جي خاتمي تائين دهشتگردن خلاف ڪارروايون جاري رهنديون.
جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف اتروزيرستان ۾ چئن دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سڪيورٽي فورسز کي ڀيٽا پيش ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف چوڻ آهي ته قوم کي سڪيورٽي فورسز جي بهادر جوانن تي فخر آهي.
هن چيو ته انسانيت جي دشمنن جي ڪريل ارادن کي اهڙي طرح مٽيءَ ۾ ملائيندا رهندا.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته حڪومت ۽ سڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن..- Advertisement -
