- Advertisement -
اتر وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران چار دهشتگرد مارجي ويا، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آپريشن دوران هٿيار، گوليون ۽ ڌماڪيدار مادو به هٿ ڪيو ويو آهي، مارجي ويل دهشتگرد سڪيورٽي فورسز ۽ شهرين جي قتل ۾ ملوث هئا، سڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن.
آءِ ايس پي آر موجب، اتر وزيرستان جي علائقي اسپن وام ۾ سڪيورٽي فورسز انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آپريشن 14 ۽ 15 جنوري جي وچ واري رات دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب، آپريشن دوران چار دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آپريشن دوران هٿيار، گوليون ۽ ڌماڪيدار مادو به هٿ ڪيو ويو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، مارجي ويل دهشتگرد سڪيورٽي فورسز ۽ شهرين جي قتل ۾ ملوث هئا، سڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن.- Advertisement -
