صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاڪستاني قوم سميت عالمِ اسلام کي عيدالاضحى جي مبارڪباد ڏني آهي.
پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته آزمائشن ۽ امتحان جي حالتن ۾ ثابت قدم رهڻ گهرجي، پوري قوم کي اخوت، قرباني، محبت سان ضرورتمندن جي مدد ڪرڻ گهرجي.
هن وڌيڪ چيو ته الله تعالى جي اطاعت ۽ فرمانبرداري سان ئي ڪاميابي حاصل ڪري سگھجي ٿو.
عيد جي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عيد جي موقعي تي انهن ماڻهن جو خاص خيال رکيوڃي جيڪوي قرباني ڪرڻ جي سگھهه نٿا رکن.
هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن تي فلسطين ۽ والاريل ڪشمير جي مظلوم مسلمانن جي عظيم قربانين کي به ياد رکڻ گهرجي.
پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم وڌيڪ چيو ته فلسطيني ۽ ڪشميري ظلم ۽ بربريت آڏو لوهي ديوار وانگر بيٺا آهن