مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي بچاءَ واري وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته صدر اهو ڪيو جنهن جي ان کان اميد هئي.
پنهنجي جاري بيان ۾ خواجه آصف چيو ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي وڪيٽ جي ٻنهي پاسي کيڏڻ چاهي ٿو. جڏهن نوٽيفڪيشن ٿيو ته هن پارٽي جي خواهش پوري ڪئي.
ن ليگ اڳواڻ چيو ته قانون موجب خاموشي کي ها سمجهيو ويندو آهي، صدر ٻنهي پاسن جي کيڏڻ چاهي ٿو ۽ سڀني کي خوش ڪرڻ چاهي ٿو.
هن چيو ته چيئرمين پي ٽي آءِ وٽ بي ڪلاس جي سهولت آهي، کيس ان کان محروم نه رکڻ گهرجي.
خواجا آصف وڌيڪ چيو ته نواز شريف سيپٽمبر ۾ واپس ايندو، هو نٿو سمجهي ته اليڪشن ۾ 2 مهينا دير ڪرڻ سان ڪا ڌانڌلي ٿيندي، نئين تڪبندين سان اميدوارن لاءِ مشڪلاتون پيدا ٿينديون.