تازه ترين

صدر جنهن ڏينهن ٽوئٽ ڪيو حڪومت قانوني پوزيشن واضح ڪري ڇڏي،مرتضيٰ سولنگي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته صدر جنهن ڏينهن ٽوئٽ ڪيو حڪومت قانوني پوزيشن واضح ڪري ڇڏي، عارف علوي جيستائين عهدي تي آهي سندس خلاف ڪابه ڪارروائي نٿي ٿي سگهي، نگران حڪومت ۾ جيڪو ٿيندو، هو ان جا ذميوار آهن، جڙانوالا واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي سزائون ٿينديون، جڙانوالا جا واقعا اوچتو نه ٿيا، ان جي هڪ تاريخ آهي، معاشري ۾ عدم اعتماد جو ڪلچر هڪ ڏينهن ۾ پيدا ٿيو نه ئي ختم ٿيندو، پاڪ فوج جي جوانن ۽ مقامي ماڻهن چيئر لفٽ ۾ ڦاٿلن کي بهادري سان ريسڪيو ڪيو.

خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي مرتضيٰ سولنگي چيو ته صدر جنهن ڏينهن ٽوئٽ ڪيو حڪومت ساڳئي ئي ڏينهن قانوني پوزيشن واضح ڪري ڇڏي، عارف علوي جيستائين عهدي تي آهي سندس خلاف ڪابه ڪارروائي نٿي ٿي سگهي، نگران حڪومت ۾ جيڪو ٿيندو، هو ان جا ذميوار آهن.

سندس چوڻ هو ته پاڪ فوج جي جوانن ۽ مقامي ماڻهن بٽگرام ۾ چيئر لفٽ ۾ ڦاٿلن کي بهادري سان ريسڪيو ڪيو.

سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته جڙانوالا واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي سزائون ٿينديون، جڙانوالا جا واقعا اوچتو نه ٿيا، ان جي هڪ تاريخ آهي، معاشري ۾ عدم اعتماد جو ڪلچر هڪ ڏينهن ۾ پيدا ٿيو نه ئي ختم ٿيندو.

هن چيو ته آئين جو قسم هنيو آهي ۽ پنهنجي آئين جي پاسداري ڪندا، چونڊون ڪرائڻ لاءِ هڪ آئيني ادارو اليڪشن ڪميشن موجود آهي.

سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته اليڪشن ڪميشن سمورو شيڊول پنهنجي ويب سائيٽ تي رکي ڇڏيو آهي، قانون ۾ لکيل آهي ته سياسي پارٽين کي مهن لاءِ 54 ڏينهن ڏنا ويندا، صاف شفاف چونڊ ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي آئيني ذميواري آهي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22 ° C
22 °
22 °
29 %
2.6kmh
0 %
ڇنڇر
21 °
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون