تازه ترين

صدر عارف علوي کي نوٽيفڪيشن جي 2 ڏينهن کانپوءِ خيال آيو ته الله کي گواهه بڻائڻو ۽ ۽ معافي گهرڻي آهي: خواجا آصف

پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته صدر عارف علوي کي نوٽيفڪيشن جي 2 ڏينهن کانپوءِ خيال آيو ته الله کي گواهه بڻائڻو ۽ ۽ معافي گهرڻي آهي.

پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته بد ديانتي جي به ڪا حد هوندي آهي، سوشل ميڊيا کي گند ڪنهن بڻايو ۽ هڪ سڄي نسل کي تباهه ڪيو ويو.

خواجا آصف چيو ته ٽي وي اسٽيشن ۽ پارليامينٽ تي حملو ڪنهن ڪيو، ان جي به معافي گهري وڃي، پي ٽي آءِ جي حڪومتي دور ۾ مخالف ڌر خلاف قانون جو غلط استعمال ٿيو ان جي به معافي گهري وڃي.

هن چيو ته 9 مئي تي جڏهن رياست خلاف بغاوت ٿي ته صدر پاڪستان جي ڪهڙي ذميواري هئي، توهان ڪڏهن سوچيو آهي.

خواجا آصف چيو ته اڄ جڏهن آئين موجب قانون ٺاهيو پيو وڃي ته توهان جو جعلي ضمير جاڳي پيو آهي. اوهان عوامي شعور کي گهٽ نه سمجهو.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
30.2 ° C
30.2 °
30.2 °
27 %
0.6kmh
0 %
جمعو
34 °
ڇنڇر
35 °
آچر
35 °
سُومر
36 °
اڱارو
35 °

تازه ترين خبرون