- Advertisement -
خيبرپختونخوا ۾ سڪيورٽي فورسز جي ٽن مختلف ڪاررواين ۾ 19 دهشتگرد مارجي ويا ۽ پاڪ فوج جا 3 جوان شهيد ٿي پيا.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته سڪيورٽي فورسز پشاور جي علائقي متني، مهنمد ضلعي جي علائقي بائيزئي ۽ ڪرڪ ضلعي ۾ 6 ۽ 7 جنوري تي دهشتگردن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي آپريشن ڪيا.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته آپريشنن دوران سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، پشاور جي علائقي متني ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا.
ٻي ڪارروائي مهمند ضلعي جي علائقي بائيزئي ۾ ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي ڪئي وئي، جنهن ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته ڪرڪ ضلعي ۾ ڪارروائي دوران ٽن دهشتگردن کي دوزخ ڀيڙو ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا ٽي بهادر جوان شهيد ٿي ويا، شهيدن ۾ لانس حوالدار عباس علي، نائيڪ محمد نذير، نائڪ محمد عثمان شامل آهن.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته علائقي ۾ دهشتگردن جي موجودگيءَ جي خدشي سبب ڪليئرنس آپريشن ڪيو ويو، پاڪ فوج ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، بهادر جوانن جون قربانيون سندن عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.- Advertisement -
