- Advertisement -
عدالت اڳوڻي صوبائي صلاحڪار اسماعيل ڏاهري جي وڌيڪ هڪ ڪيس ۾ ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.
ميهڙ جي عدالت 50 هزار رپين جي مچلڪن عيوض اسماعيل ڏاهري جي ضمانت منظور ڪري ورتي.
عدالت اڳوڻي صوبائي صلاحڪار اسماعيل ڏاهري جي وڪيل مختيار رند ۽ سرڪاري وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد سندس ضمانت منظور ڪري ورتي.
واضح رهي ته اڳوڻي صوبائي صلاحڪار خلاف 12 ڪيس داخل هئا، جن مان 11 ۾ سندس ضمانت ٿي چڪي آهي، جڏهن ته هڪ ڪيس جي مورو جي عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي- Advertisement -
