تازه ترين

صدر ۽ وزيراعظم پاران جعفر ايڪسپريس آپريشن مڪمل ڪرڻ تي فورسز کي ڀيٽا پيش

- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف جعفر ايڪسپريس آپريشن مڪمل ڪرڻ تي سڪيورٽي فورسز کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي. صدر آصف علي زرداري جعفر ايڪسپريس آپريشن مڪمل ڪرڻ تي سڪيورٽي فورسز کي ڀيٽا پيش ڪندي 21 شهرين ۽ چئن ايف سي جوانن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو. صدر ڪارروائي ۾ 33 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سڪيورٽي فورسز جي بهادري جي واکاڻ ڪئي. آصف علي زرداري مسافرن کي بازياب ڪرائڻ تي سڪيورٽي فورسز جي پيشواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. صدر آصف علي زرداري شهادت ماڻيندڙن کي ڀيٽا پيش ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف جعفر ايڪسپريس آپريشن مڪمل ڪرڻ تي سڪيورٽي فورسز کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته جعفر ايڪسپريس آپريشن انتهائي مهارت سان ڪيو ويو، جوانن بهادري ۽ دليري سان 33 دهشتگردن کي ماريو. وزيراعظم سڪيورٽي فورسز جي جوانن ۽ شهرين جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته شهرين کي نقصان پهچائيندڙن جو اسلام ۽ پاڪستان سان ڪوبه تعلق ناهي. شهباز شريف چيو ته هو معصوم شهرين تي حملا ڪندڙن کي هر محاذ تي شڪست ڏيڻ لاءِ پرعزم آهن ۽ ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رهندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
24.5 ° C
24.5 °
24.5 °
56 %
6.3kmh
31 %
خميس
24 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون