تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

سکر جي عدالت صحافي جان محمد مهر قتل ڪيس جي ٻڌڻي 25 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي

- Advertisement -
سکر جي عدالت صحافي جان محمد مهر قتل ڪيس جي فريادي ڌر طرفان مک جوابدارن جي گرفتاري تائين ڪيس نه هلائڻ بابت درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 25 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ صحافي جان محمد مهر جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. فريادي ڌر جي وڪيل مک جوابدارن جي گرفتاري تائين ڪيس نه هلائڻ لاءِ درخواست جمع ڪرائي. درخواست وڪيل موقف اختيار ڪيو ته صحافي جان محمد مهر قتل ڪيس ۾ ملوث مک جوابدار 18 مهينن کان گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، فريادي ڌر کي خطرو آهي. درخواست جي متن موجب، فريادي ۽ شاهدن کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، مک جوابدار گرفتار نه هئڻ سبب حاضري تي نٿا اچي سگهن، پهريان مک جوابدار گرفتار ڪيا وڃن جنهن کانپوءِ گڏيل طور ڪيس هلايو وڃي. عدالت درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي ملتوي 25 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. صحافي جان محمد مهر کي 13 آگسٽ 2023ع تي سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪيو. قتل ڪيس ۾ مک جوابدار شيرو مهر، گلزار مهر، جمن مهر، روشن مهر، محسن مهر، نصير مهر ۽ ٻيا جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن. ڇهه جوابدار بخشل مهر، بابر مهر، منور مهر، بشير مهر، شيرو شيخ ۽ رمضان شيخ ضمانت تي آزاد آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.7 ° C
25.7 °
25.7 °
22 %
2.3kmh
0 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون