صوبا مقدس ۽ اسان جي سڃاڻ آھن، زرعي پاڻي لاءِ نئون نظام ڏنو وڃي، پُراڻي نظام مان فائدو ڪونھي: جونيئر ذوالفقار

- Advertisement -
پ پ شهيد ڀٽو جي باني شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي پڳدار پٽ ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو آهي ته سنڌ سندن سڃاڻپ ۽ هنن لاءِ مقدس آهي، جلالپور ڪئنال ٺهڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، سنڌ ۾ پاڻي صورتحال تي ڳڻتي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر جو چوڻ هو ته گرميءَ جي موسم باوجود سنڌ اڳ ئي پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي، حڪومت عوام تائين پاڻي پهچائڻ سان گڏ جديد نظام به فراهم ڪري. ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر جو چوڻ هو ته پراڻو آبپاشي نظام هاڻي سنڌ جي ضرورتن لاءِ ڪافي ناهي، سنڌ کي اهڙي جديد آبپاشي نظام جي ضرورت آهي، جيڪو پاڻي بچائي ۽ هارين کي فائدو ڏئي. هن چيو ته سنڌ جون حالتون انتهائي خراب آهن، عوام بنيادي سهولتن لاءِ پريشان آهي، سنڌ ۾ معصوم ٻار ايڇ آءِ وي بيماري جو شڪار آهن. سندس چوڻ هو ته سنڌ کي بهتر صحت، تعليم، آبپاشي ۽ بنيادي سهولتن جي ضرورت آهي، اسپتالن ۾ ٻارڙن سميت مريض غيرمحفوظ طبي طريقيڪار سبب ايڇ آءِ وي ۾ مبتلا ٿيا. ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو ته 2019ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ ٻارڙا ايڇ آءِ وي سبب متاثر ٿيا، پاڪستان ۾ 2008 کان هن وقت تائين ڪيترائي اهڙا واقعا سامهون آيا آهن. هن چيو ته وڏا وڏا منصوبا ٺاهي سگهون ٿا پر اسپتال ۾ مريضن لاءِ نئين سرنج فراهم نٿا ڪري سگهون، ايڇ آءِ وي تي علاج ۽ مناسب طبي نگراني سان ضابطو آڻي سگهجي ٿو، هو متاثر ٻارڙن جي والدين سان گڏ آهي، ذميوارن کي سزا ملڻ گهرجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
28.4 ° C
28.4 °
28.4 °
38%
1.8m/s
85%
اربع
28 °
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
33 °

تازه ترين خبرون