تازه ترين

صوبي ۾ امن امان قائم ڪرڻ سنڌ جي حڪومت جي ترجيح آهي : ضياالحسن لنجار

- Advertisement -
صوبائي گهرو وزير ضياالحسن لنجار چيو آهي ته صوبي ۾ امن امان قائم ڪرڻ سنڌ جي حڪومت جي ترجيح آهي، هو امن امان قائم ڪرڻ واري ذميواري  بهتر نموني پوري ڪندا. ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي بيان تي رد عمل ڏيندي ضياالحسن لنجار چيو ته پارٽي قيادت جي ڪوشش آهي ته صوبي مان ڌاڙيلن جو خاتمو ڪيو وڃي، کين پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي اعتماد آهي. هن چيو ته امن امان قائم ڪرڻ ۾ سڪيورٽي فورسز سان گڏ پوليس جي جوانن ۽ آفيسرن جون به شهادتون ٿيون آهن، ايم ڪيو ايم پوليس کي تڪراري بڻائي ڏوهارين کي فائدو پهچائي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته آءِ جي سنڌ هڪ سٺي ساک رکندڙ آفيسر آهي، امن امان قائم ڪرڻ لاءِ سمورا ادارا سنجيده آهن، ايم ڪيو ايم حڪومت ۾ هجي ته سڀ سٺو هوندو آهي، جڏهن اقتدار کان ٻاهر هجي ته کيس سڀ خراب نظر ايندو. صوبائي گهرو وزير ضياالحسن لنجار چيو ته ڪراچي جي عوام جو پ پ تي اعتماد آهي، شهر جو ميئر به جيالو آهي، کين ڪراچي جو عوام کي ڪڏهن به مايوس نه ڪندا. هن چيو ته جيڪي ماڻهو ان مسئلي تي بيان بازي ڪري سياست ڪري رهيا آهن، هو انهن کي ڪم ڪري ڏيکاريندا ۽ اهي مايوس ٿيندا، ايم ڪيو ايم ٻڌي ڇڏي چور ڌاڙيل جي ذات ناهي هوندي سندن نظر ۾ سڀ چورآهن، معصوم شهرين کي ڦريندڙن کي منهن ڏيڻ ڄاڻين ٿا. سندس چوڻ هو ته ڪنهن به شهري جي حياتي کسجڻ تي کين متحده وارن کان وڌيڪ ڏک ٿيندو آهي، دنيا ڄاڻي ٿي ته واڳون وارا ڳوڙها ڪير ٿو ڳاڙي، امن امان جي ذميواري سندن آهي هو بهتر نموني پوري ڪندا. صوبائي گهرو وزير ضياالحسن لنجار چيو ته صبر ڪيو ڦورن جو خاتمو آندو ويندو، موبائل چورن کان ڇوٽڪاري لاءِ حڪمت عملي تي ڪم ٿي رهيو آهي، انشاالله حڪومت  عوام گڏجي صوبي ۾ امن امان قائم ڪندي..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.7 ° C
30.7 °
30.7 °
19 %
3.4kmh
0 %
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون