صوفي شاھ عنايت شهيد جي 316 هين سالياني عرس جون تقريبون شروع

spot_img
صوفي شاھ عنايت شهيد جي 316 هين سالياني عرس جون تقريبون شروع ٿي ويون آهن. جھوڪ شريف ۾ درگاھ جي گادي نشين صوفي عطا الله ستاري، صوفين جي سنگ ۾ درگاھ تي پهچي دعا گهري عرس جي شروعات ڪئي. بعد ۾ گادي نشين درگاھ جي اڱڻ تي چبوتري ۾ پلال تي ويهي صوفي فقيرن جو راڳ ٻڌو، جنهن ۾ هزارين عقيدتمندن شرڪت ڪئي. صوفي شاھ عنايت جي عرس جي موقعي تي ضلعي سجاول ۾ ڊپٽي ڪمشنر سجاول طرفان عام موڪل ڪئي وئي. صوفي شاهه عنايت شهيد جي سالياني ميلي ۾ هر سال وانگر هن سال به درگاهه جهوڪ تي صوفياڻي طريقي سان ميلي جون رسمون ادا ڪرڻ لاءِ ٺاهيل 200 کان وڌيڪ صوفي فقيرن جي ٻارين جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. اڄ رات کان سمورين ٻارين ۾ راڳ رنگ جي محفل صبح پرھ تائين جاري رهندي، جڏهن ته درگاهه جي اڱڻ اندر ٽن ڏينهن واري صوفياڻي ڪچهري ۾ هزارين مريدن جي گڏيل طور ڪچهري واريون رسمون ادا ڪيون وينديون. روزانو روايتي طريقي سان درگاهه جو گادي نشين صوفي عطاءُ الله ستاري پنهنجي حويلي مان ٻاهر اچي سوين مريدن جي ريلي جي صورت ۾ صوفياڻي راڳ جي محفل ۾ شرڪت ڪندو. صوفياڻي ڪچهري کانسواءِ صوفي فقيرن جي ٻارين ۾ صوفي راڳ ۽ سماع وارو سلسلو جاري رهندو، ميلي جي پهرين ڌمال کان آخري ڌمال تائين درگاهه جي اڱڻ ۾ هزارين مريد سماع واري رسم ۾ به شرڪت ڪندا.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.6 ° C
19.6 °
19.6 °
13%
2.5m/s
0%
خميس
18 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون