پاڪستاني ميوزڪ انڊسٽري جي مشهور ڳائڻي شاني ارشد عالمي شهرت يافتا ڳائڻي عاطف اسلم تي طنز ڪندي کيس رويو ٺيڪ ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي.
ويجهڙ ۾ شاني ارشد هڪ پروگرام ۾ مهمان طور شريڪ ٿيو جتي هن پنهنجي ميوزڪ ڪيريئر سميت مختلف موضوعن تي ڳالهايو.
ان پروگرام جي هڪ مختصر وڊيو ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ شاني ارشد کي ڳائڻي عاطف اسلم تي طنز ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.
وائرل ٿيل وڊيو ۾ شاني ارشد ميزبان احمد علي بٽ جي هڪ سوال جي جواب ۾ چئي رهيو آهي ته عاطف اسلم پاڻ کي وڏي شيءِ سمجهڻ ڇڏي ڏي، هن طنزيه انداز ۾ چيو ته عاطف اسلم سان هڪ مسئلو آهي ته اهو پاڻ کي ڪا وڏي شيءِ سمجهندو آهي.
هن چيو ته عاطف اسلم کي پنهنجو رويو ٺيڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن کي پنهنجي رويي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي…