تازه ترين

عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ هڪ ڏهائي هڪ ارب ڊالر جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ هڪ ڏهائي هڪ ارب ڊالر جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. آءِ ايم ايف طرفان جاري پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ٻيو جائزو مشن ڪاميابي سان مڪمل ڪيو آهي، پاڪستان جولاءِ 2023 ۾ آءِ ايم ايف کان 9 مهينن جو قرض پروگرام ورتو هو ۽ پاڪستان پروگرام جا ٽارگيٽ پورا ڪرڻ لاءِ سنجيده ڪوششون ڪيون. پڌرائي ۾ آءِ ايم ايف جو چوڻ هو ته پاڪستن ۾ مهانگائي جي شرح گھٽجڻ شروع ٿي وئي آهي ۽ قرض پروگرام کانپوءِ معاشي ترقي جي شرح 2 سيڪڙو تائين پهچي رهي آحي، اميد هي ته مهانگائي جي وڌندڙ شرح جون ۾ گھٽ ٿي ڪري 20 سيڪڙو ٿي ويندي. آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته پاڪستان جا خالص پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا 4.5 ارب کان وڌي 8 ارب ڊالر ٿي ويا آهن،   پاڪستان وصولي ۾ اضافي جي ذريعي گردشي قرضن ۾ اضافي کي گھٽ ڪيو آهي، ان لاءِ توانائي واري شعبي ۾ بروقت ٽيرف ايڊجسٽمينٽ اهم ڪردار ادا ڪيو. آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ گذريل مالي سال بيروزگاري جي شرح 8.5 سيڪڙو هئي، هن سال بيروزگاري جي شرح 8 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، گذريل مالي سال روينيو ۽ گرانٽس جي ڊي پي جو 11.4 سيڪڙو هئا، جڏهن ته هن سال آمدني ۽ گرانٽس جي ڊي پي جو 12.5 سيڪڙو ٿي سگهي ٿي. آءِ ايم ايف موجب گذريل مالي سال جي بجيٽ خسارو جي ڊي پي جو 7.8 سيڪڙو هو، هن مالي سال جي بجيٽ خسارو جي ڊي پي جو 7.5 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، گذريل سال پاڪستان جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو جي ڊي پي جو 0.7 سيڪڙو هو، جڏهن ته هن مالي سال ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو جي ڊي پي جي 0.8 سيڪڙو تائين پهچي سگهي ٿو. پنهنجي بيان ۾ آءِ ايم ايف پاڪستان تي زور ڏنو ته هو مضبوط ۽ جامع ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ سڌارن ۾ تيزي آني. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي غريبن جي تحفظ لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ ڪرپشن خلاف ڪم ڪندڙ ادارن کي مضبوط ڪيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
33.2 ° C
33.2 °
33.2 °
4 %
7.4kmh
0 %
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
37 °
جمعو
35 °

تازه ترين خبرون