تازه ترين

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان يورپي يونين جي سفير ڊاڪٽر رينا ڪيونڪا ملاقات

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان يورپي يونين جي سفير ڊاڪٽر رينا ڪيونڪا ملاقات ڪئي. ملاقات دوران چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه ۽ سيڪريٽري رحيم شيخ پڻ موجود هئا. ملاقات دوران غربت جي خاتمي جي پروجيڪٽ تي ڳالهيون ڪيون ويون. وڏي وزير مراد علي شاهه ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ تي يورپي يونين جا ٿورا مڃيا. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ٻوڏ سبب 20 هزار اسڪول  متاثر ٿيا، عمارتن جي بحالي سنڌ حڪومت لاءِ وڏو چيلينج آهي. هن چيو ته هو چاهن ٿا ته يورپي يونين سنڌ ۾ اسڪولن جي عمارتن جي تعمير ۾ مدد ڪري. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چونڊن دوران غريبن کي سولر انرجي ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو. سندس چوڻ هو ته  يورپي يونين گهرن کي سولرائيزيشن ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي مدد ڪري. يورپي يونين جي سفير جو چوڻ هو ته يورپي يونين کي اسڪولن جي تعمير ۽ سولر پروجيڪٽس موڪليو، ڪوشش هوندي ته ٻوڏ متاثرن جي تعليم ۽ شمسي توانائي جي شعبي ۾ سنڌ جي عوام جي مدد ڪريون……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
light rain
20.7 ° C
20.7 °
20.7 °
73 %
2.4kmh
11 %
آچر
28 °
سُومر
33 °
اڱارو
35 °
اربع
33 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون