ن ليگ جي قائد ميان نوازشريف چيو آهي ته عام ماڻهو کي رليف ڏيڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي ويندي.
نوازشريف شاهڪوٽ مان چونڊيل پنجاب اسيمبلي جي ميمبر محمد ارشد سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ ٻيهر ڳڻپ ۾ عوامي مينڊيٽ ملڻ تي کيس واڌايون ڏنيون.
ان موقعي تي نوازشريف جو چوڻ هو ته ننڪانه شاهڪوٽ جي عوام کي ن ليگ تي اعتماد ڪيو، ساڻن ڪيل سمورا واعدا پورا ڪيا ويندا.
هن چيو ته علائقي ۾ تعليمي ادارا بڻجندا ۽ صوبي ۾ خوشحاليءَ جو دور واپس ايندو.
نوازشريف چيو ته ن ليگ نوجوانن، هارين ۽ عام ماڻهن کي رليف ڏيڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏيندي.