تازه ترين

عام چونڊن ۾ سڀ کان وڏي ۾ وڏو اپ سيٽ ٿي ويو، پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوار سردار لطيف کوسا ن ليگ اميدوار خواجه سعد رفيق کي شڪست ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
عام چونڊن ۾ سڀ کان وڏي ۾ وڏو اپ سيٽ ٿي ويو، پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوار سردار لطيف کوسا ن ليگ اميدوار خواجه سعد رفيق کي شڪست ڏئي ڇڏي . غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب  لاهور جي تڪ اين اي 122 تي پي ٽي آءِ جو حمايت يافته آزاد اميدوار سردار لطيف کوسا هڪ لک 17هزار 109ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏهن ته ن ليگ جو خواجه سعد رفيق 77 هزار 709 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو . اين اي 265 پشين تي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ڪاميابي ماڻي ورتي . جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان 52 هزار 429 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏهن ته سندس مخالف اميدوار پشتونخواهه عوامي پارٽي جي خوشحال خان ڪاڪڙ 31  هزار 436 ووٽ کڻي هارائي ويو. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 130 لاهور تي ن ليگ اميدوار نواز شريف ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته آزاد اميدوار ڊاڪٽر ياسمين راشد هارائي وئي. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 123 تي ن ليگ اميدوار شهباز شريف آزاد اميدوار يوسف علي کي شڪست ڏئي ڇڏي . اين اي 119 لاهور تي ن ليگ اميدوار مريم نواز آزاد اميدوار شهزاد فاروق کي شڪست ڏئي ڇڏي . قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 122 لاهور تي آزاد اميدوار سردار لطيف کوسا سوڀارو ٿيو، جڏهن ته آءِ پي پي جو جهانگير ترين هارائي ويو. پنجاب اسيمبلي جي تڪ پي پي 158 تي به شهباز شريف به سوڀ ماڻي . اين اي 44 ڊي آءِ خان تي آزاد اميدوار علي امين گنڊاپور جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان کي شڪست ڏني. اڳوڻو وفاقي وزير خواجه آصف سيالڪوٽ جي قومي تڪ تي ريحانه ڊار کي شڪست ڏئي ڇڏي. خيبرپختون خواهه ۾ 2013 کان 2018 تائين وڏو وزير رهندڙ ۽ پي ٽي آءِ حڪومت ۾ دفاع وارو وفاقي وزير رهندڙ پرويز خٽڪ کي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ٻنهي تڪن تي شڪست جو منهن ڏسڻو پئجي ويو. اين اي 33 نوشهره تي پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوار سيد شاهه احمد علي شاهه 90 هزار 145 ووٽ کڻي ڪامياب ڪيو، جڏهن ته پرويز خٽڪ 25 هزار 582 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو . پرويز خٽڪ کي پي ڪي87 ۾ به پي ٽي آءِ جي حمايت يافته اميدوار خليق الرحمان شڪست ڌني. آزاد اميدوار خليق الرحمان 44 هزار 762 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏهن ته پرويز خٽڪ 18 هزار 176 ووٽ کڻي هارائي ويو . اين اي 4 سوات تي پي ٽي آءِ جو حمايت يافته اميدوار سهيل سلطان 88 هزار 9 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏهن ته ڪي پي جو اڳوڻو وڏو وزير محمود خان 16 هزار 813 ووٽ کڻي هارائي ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.4 ° C
31.4 °
31.4 °
32 %
4.7kmh
0 %
اربع
30 °
خميس
33 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
35 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون