پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عام چونڊون 90 ڏينهن اندر ئي ٿيڻ گهرجن، ڪيئر ٽيڪرن تي ڪو اعتراض ناهي،
ڪيئر ٽيڪر چيئر ٽيڪر بڻجي وڃن ته اعتراض هوندو، نگران حڪومت ماضي جي پاليسين کي تبديل ڪرڻ بدران جاري رکي سگهي ٿي،
هميشه چوندا آهن ته ملڪ نازڪ دور مان گذري رهيو آهي، عوام سوال ڪري ته آخر نازڪ دور ڪڏهن ختم ٿيندو، هنن وٽ ملڪ هلائڻ جي ڪابه صلاحيت ناهي،
رڳو پيپلز پارٽي ئي ملڪ کي مسئلن مان ڇوٽڪارو ڏياري سگهي ٿي، ڪرڪيٽر وزيراعظم دوست ملڪن سان لاڳاپن کي خراب ڪيو، اتحادي حڪومت 15 مهينن جي محنت ڪري پرڏيهي محاذ تي بحران حل ڪيو،
نگران حڪومت پئٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪري سگهي ٿي ته ڪري، سمورن ملڪي مسئلن جو حل رڳو جمهوريت ۾ ئي آهي،
عوام کي پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ پ پ جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، هو گهر جي معاملن ۾ آصف زرداري جي ڳالهين جو پابند آهي، سياسي معاملن ۾ سي اي سي جي فيصلن تي عمل ٿيندو، آئين تحت 90 ڏينهن اندر عام چونڊون ضروري آهن،
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي حيدرآباد، گهاري، ٺٽي، مڪلي، سجاول، جاتي ۽ تلهار پهچڻ تي شاندار آجيان، گلن جي ورکا، پارٽيءَ جي گيتن تي رقص