تازه ترين
غزا ۾ اسرائيلي فوج جي دهشتگرد ڪاررواين ۾ وڌيڪ 80 فلسطيني شهيد آمريڪا جي ايران جي بئلسٽڪ ميزائل پروگرام تي نيون پابنديون مڙهي ڇڏيون ملڪ جي اڪثر حصن ۾ اڄ کان 20 مئي تائين هيٽ ويو رهڻ جو امڪان آهي. پاڪستان پيپلزپارٽيءَ خيبرپختونخوا ۾ 16 هزار سرڪاري ملازمن جي برطرفي، سرڪاري ادارن ۾ ڪرپشن ۽ امن امان... پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار غزه ۾ اسرائيلي ڪاررواين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ڏکڻ غزه جي علائقي خان يونس تي اسرائيل جي بدترين حملي ۾ 28 فلسطيني شهيد ۽ 70 کان وڌيڪ زخمي ڪستان ۽ امريڪا ۾ جنگ بندي نازڪ آهي، امريڪي مداخلت سبب پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ گھٽ ٿي:رضوان سعيد شيخ غزه تي اسرائيل جي وحشياڻي بمباري جو سلسلو هلندڙ آهي، عرب ميڊيا موجب، تازن حملن ۾ ٻارن سميت 23 فلسطين... روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ ٽن ڏينهن واري جنگ بندي ختم ٿي وئي، روسي صدر پيوٽن يوڪرين کي سڌيءَ ريت ڳالهيون ش... وزيراعظم شهباز شريف ڀارتي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ ۽ آپريشن بـُنيان المرصوص جي ڪاميابي تي اڄ سڄي ...

سپريم ڪورٽ ملڪ ۾ عام چونڊون 8  فيبروري تي ئي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏئي  ڇڏيو

سپريم ڪورٽ ملڪ ۾ عام چونڊون 8  فيبروري تي ئي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏئي  ڇڏيو.

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي بئنچ  ملڪ ۾ 90 ڏينهن اندر عام چونڊن بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل صدر عارف علوي ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ ٿيل ڳالهين جا تفصيل عدالت ۾ پيش ڪيا ويا.

سپريم ڪورٽ حڪم نامو جاري ڪندي چيو ته 8 فيبروري تي عام چونڊون ڪرائڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي، چونڊن جي تاريخ تي ڪنهن کي به اعتراض ناهي، سپريم ڪورٽ عام چونڊن جي تاريخ مقرر ڪرڻ ۾ ڪو به ڪردار ادا نه ڪيو آهي.

عدالت پنهنجي حڪم نامي ۾ چيو ته   صدر وٽ عام چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو اختيار هو جيڪو استعمال نه ڪيو ويو، اليڪشن ڪميشن ۽ صدر کي اهو ڪرڻ گهرجي جيڪو آئين چوي ٿو، آئين جي ڀڃڪڙي جا سنگين نتيجا نڪرندا آهن.

سپريم ڪورٽ پنهنجي حڪم نامي ۾ چيو ته   سپريم ڪورٽ صدر ۽ اليڪشن ڪميشن جي اختيارن ۾ مداخلت نه ٿي ڪري سگهي، سپريم ڪورٽ رڳو مددگار جي حيثيت سان صدر ۽ اليڪشن ڪميشن کي ڳالهين لاءِ چئي سگهي ٿي.

سپريم ڪورٽ چيو ته  سمورن آئيني ادارن کي مستقبل ۾ سمجهداري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، چونڊن جي تاريخ بابت مونجهارا پيدا ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
23.6 ° C
23.6 °
23.6 °
25 %
5.3kmh
0 %
جمعو
34 °
ڇنڇر
35 °
آچر
35 °
سُومر
34 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون