- Advertisement -
عدالتي سڌارا پارليامينٽ مان منظور ڪرائڻ بابت تيارين جي سلسلي ۾ وزيراعظم شهباز شريف طرفان حڪومتي اتحادي پارلياماني ميمبرن کي آجياڻو ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته حڪومتي اتحاد جي پارليامينٽ ميمبرن کي سومر تائين اسلام آباد ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف حڪومتي اتحادي پارٽين جي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ميمبرن کي آجياڻي تي گهرائي ورتو.
وزيراعظم شهباز شريف طرفان آجياڻي جو انتظام وزيراعظم آفيس ۾ ڪيو پيو وڃي.
حڪومت پنهنجي ميمبرن جي مڪمل حاضري کي يقيني بڻائي رهي آهي.
وزيراعظم حڪومتي اتحاد جي سمورن پارليامينٽ ميمبرن کي سومر تائين اسلام آباد ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي.
حڪومت جميعت علماءَ اسلام ف جي مڪمل حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ به متحرڪ آهي.
حڪومت کي جي يو آءِ سميت وڌيڪ چئن ميمبرن جي حمايت گهربل آهي.- Advertisement -
