عدالتي سڌارا پارليامينٽ مان منظور ڪرائڻ بابت تيارين جي سلسلي ۾ وزيراعظم شهباز شريف طرفان حڪومتي اتحادي پارلياماني ميمبرن کي آجياڻو ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته حڪومتي اتحاد جي پارليامينٽ ميمبرن کي سومر تائين اسلام آباد ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف حڪومتي اتحادي پارٽين جي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ميمبرن کي آجياڻي تي گهرائي ورتو.
وزيراعظم شهباز شريف طرفان آجياڻي جو انتظام وزيراعظم آفيس ۾ ڪيو پيو وڃي.
حڪومت پنهنجي ميمبرن جي مڪمل حاضري کي يقيني بڻائي رهي آهي.
وزيراعظم حڪومتي اتحاد جي سمورن پارليامينٽ ميمبرن کي سومر تائين اسلام آباد ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي.
حڪومت جميعت علماءَ اسلام ف جي مڪمل حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ به متحرڪ آهي.
حڪومت کي جي يو آءِ سميت وڌيڪ چئن ميمبرن جي حمايت گهربل آهي.
عدالتي سڌارا پارليامينٽ مان منظور ڪرائڻ بابت تيارين جي سلسلي ۾ وزيراعظم طرفان حڪومتي اتحادي پارلياماني ميمبرن کي آجياڻو ڏنو پيو وڃي
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
10
°
C
10
°
10
°
26%
1.4m/s
1%
اڱارو
10
°
اربع
20
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°


