- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسى جي سربراهي ۾ 7 رڪني بينچ ڇهن ججن جي خط واري معاملي جي اڄ ٻڌڻي ڪندي.
لارجر بينچ جي ٻين ميمبرن ۾ جسٽس سيد منصور علي شاهه، جسٽس يحيى آفريدي، جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس اطهر من الله، جسٽس مسرت هلال ۽ جسٽس نعيم اختر افغان شامل آهن.
ٻڌڻي اڄ صبح ساڍي يارهين وڳي ٿيندي، عدالت جي معاونت لاءِ اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.
ٻئي طرف ساڳئي ئي معاملي ۾ اعتزاز احمد ايڊووڪيٽ آئيني درخواستون داخل ڪيون آهن، آئين جي آرٽيڪل 184 ٽي تحت داخل درخواستن ۾ قانون ۽ دفاع وارين وزارت ذريعي وفاقي حڪومت ڌر بڻايو ويو آهي.
ياد رهي ته 26 مارچ تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن سپريم جڊيشل ڪائونسل کي خط لکي عدليه ۾ ڳجهن ادارن جي مداخلت جو الزام لڳايو هو.
پهرين ته وزيراعظم ان معاملي تي چيف جسٽس جي مشاورت سان انڪوائري ڪميشن جوڙي، پر بعد ۾ چيف جسٽس پاڻمرادو نوٽيس وٺندي ڪيس کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو.- Advertisement -
