تازه ترين

عدالتي نظام تباهه ٿي چڪو آهي، آئيني عدالت ٺاهڻ مجبوري آهي:بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عدالتي نظام تباهه ٿي چڪو آهي، آئيني عدالت ٺاهڻ مجبوري آهي، آئيني عدالت ضرور قائم ڪئي ويندي، جيئن ڪنهن وڌيڪ وزيراعظم ٽنگي نه سگهجي، جنهن ذميواريءَ لاءِ عدليا ويٺي آهي، اهو ڪم نه پيو ٿئي، آئيني عدالت ۾ صوبن جي برابر  نمائندگي هوندي، 19هين آئيني ترميم سپريم ڪورٽ جي ڌمڪيءَ سبب ڪرڻي پئي، پر هاڻي ڪجهه به ٿئي ميثاق جمهوريت موجب عدالتي سڌارا آندا ويندا، پاڪستان جو نظام ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ميثاق جمهوريت تي عمل ڪرڻو پوندو، آئيني عدالت لاءِ ترميم ۾ عمر جي حد مقرر ڪرڻ سان معاملو تڪراري ٿي ويندو. ڪراچيءَ ۾ سنڌ هائيڪورٽ بار کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو ته آئين ۽ قانونسازي عدالت ذريعي نٿي ٿي سگهي، 19هين  آئيني ترميم سپريم ڪورٽ جي ڌمڪيءَ سبب آڻڻي پئي، پر هاڻي ڪجهه به ٿئي ميثاق جمهوريت موجب عدالتي سڌارا آندا ويندا. هن چيو ته 18هين ترميم ۾ ججن جي مقرريءَ جو طريقيڪار تبديل ڪرڻو پيو، جيڪو سڄي دنيا ۾ لاڳو آهي، آمريڪا ۾ سموري پارليامينٽ ججن جي مقرريءَ جو فيصلو ڪندي آهي، اهو ئي سبب آهي ته آمريڪا ۾ اڄ تائين مارشل لا ناهي لڳو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عدالتي نظام تباهه ٿي چڪو آهي، آئيني عدالت ٺاهڻ مجبوري آهي، آئيني عدالت ضرور قائم ڪئي ويندي، جيئن ڪنهن ٻئي وزيراعظم ٽنگي نه سگهجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو ڪنهن حڪومت جي حمايت يا ترميم لاءِ ناهي آيو، پر ميثاق جمهوريت ۽ عدالتي سڌارن لاءِ آيو  آهي، آئيني عدالت ۾ صوبن جي برابر  نمائندگي هوندي. پ پ چيئرمين چيو ته عوام کي انصاف ڏيارڻ لاءِ جيڪو ادار ٺهيو آهي، ان کي ڪم ڪرڻ ڏيوپ، آئيني عدالت ڏسندي ته آئيني ۽ سياسي ڪيس ڪهڙا آهن؟ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چيف جسٽس قاضِي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس منصور علي شاهه جو هو احترام ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته ڀٽو ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندڙ بئنچ ۾ ٻئي شامل هئا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.8 ° C
30.8 °
30.8 °
29 %
1.9kmh
6 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون