تازه ترين

ميرپورخاص ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ڊاڪٽر شاھنواز جي قتل ڪيس جي عدالتي جاچ لاءِ 2 الڳ الڳ پٽيشنون داخل

- Advertisement -
ميرپورخاص ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ڊاڪٽر شاھنواز جي قتل ڪيس جي عدالتي جاچ لاءِ 2 الڳ الڳ پٽيشنون داخل ڪرايون ويون آهن. عمرڪوٽ واسي ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر کي ميرپورخاص پوليس پاران مبينا طور مقابلو ڄاڻائي قتل ڪرڻ واري واقعي جي عدالتي انڪوائري ڪرائڻ جي سلسلي ۾ ايڊووڪيٽ علي پلھه ۽ ٻين پاران ھڪ پٽيشن سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ ڪراچي ۾داخل ڪئي وئي. درخواست ڏيندڙ موقف اختيار ڪيو ته ڊاڪٽر شاھنواز وارو واقعو عدالت کان مٿڀرو قدم ۽ بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آھي، جنھن جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي. پٽيشن ۾ اھو پڻ ڄاڻايو ويو آھي تھ واقعي وقت ميرپورخاص ۾ مقرر ٿيل ڊي آءِ جي جاويد سونھارو جسڪاڻي، ايس ايس پي ميرپورخاص رٽائرڊ ڪيپٽن اسد علي چوڌري ۽ ايس پي عمرڪوٽ آصف رضا بلوچ جا پاسپورٽ ٺھيل آھن، ان ڪري کين ملڪ کان ٻاھر وڃڻ کان روڪڻ لاءِ سندن نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪيا وڃن ۽ مقابلي ۾ شامل سمورن پوليس عملدارن ۽ اھلڪارن تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو وڃي. پٽيشن ۾ اھا پڻ گھر ڪئي وئي آھي تھ مقتول ڊاڪٽر جي لاش جي بيحرمتي ڪندڙ ۽ باس ڏئي ساڙيندڙ ماڻھن خلاف پڻ ڪيس داخل ڪري، مقتول جي ڪٽنب کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي. ھوڏانھن بيريسٽر فرخ شريف ڪنڀر پاران  ھائيڪورٽ ڪراچي ۾ پٽيشن داخل وئي آھي، جنھن ۾  سنڌ جي گھرو کاتي، آئي جي سنڌ، اڳوڻي ڊي آئي جي ميرپورخاص، ايس ايس پي عمرڪوٽ، ايس ايس پي ميرپورخاص، ايس ايڇ او سنڌڙي ۽ ايس ايڇ او عمرڪوٽ کي ڌر بڻايو ويو. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو تھ ڊاڪٽر شاھنواز جي قتل جي حاضر سروس يا رٽائرڊ جج جي سربراهيءَ ۾ جاچ ڪرائي وڃي. بيريسٽر فرخ شريف پاران داخل ڪيل پٽيشن ۾ گھر ڪئي وئي تھ فوري طور تي آئي جي سنڌ کي معطل ڪري ھن معاملي ۾ ملوث پوليس عملدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ ھن معاملي جي سمورن ثبوتن جن ۾ گھربل ڪاغذ، سي سي ٽي وي فوٽيج، موبائل ڪال ڊيٽا رڪارڊ، فرانزڪ رپورٽ کي پوليس انڪوائري کان اڳ محفوظ بڻايو وڃي. پٽيشن داخل ڪندڙ ايڊووڪيٽ علي پلهھ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تھ واقعي جي ايف آءِ آر ميرپورخاص ۾ داخل ٿيل آھي، ان ڪري چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ ان پٽيشن کي ميرپورخاص ھاءِ ڪورٽ بينچ منتقل ڪري ڇڏيو آھي، جنھن جي ايندڙ سومر تي ٻڌڻي رکي وئي آھي. بئريسٽر فرخ شريف ٻڌايو تھ سندس داخل ڪيل پٽيشن جي ٻڌڻي جي تاريخ سڀاڻي تائين ملندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.7 ° C
25.7 °
25.7 °
43 %
1.9kmh
9 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
34 °
آچر
34 °
سُومر
36 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون