عطا تارڙ شڪست ڏسي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي : پلوشا خان

- Advertisement -
پ پ سينيٽر پلوشا خان چيو آهي ته عطا تارڙ شڪست ڏسي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، مسلم ليگ ن کي پنهنجي پوزيشن واضح ڪرڻ گهرجي، اليڪشن ڪميشن لاهور واقعن تي نوٽيس وٺي، 9 فيبروري جو سج مسلم ليگ ن جي شڪست تي ماتم کڻي ايندو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پلوشا خان چيو ته کين خدشو آهي ته ن ليگ اليڪشن ڏينهن جهيڙو ڪندي، هي غنداگردي ڪندي آفيس ۾ داخل ٿين ٿا ۽ ماڻهن کي اغوا ڪن ٿا. سندس چوڻ هو ته عطا تارڙ جو لهجو ۽ بدتميزي ٻڌائي رهي آهي ته کيس پنهنجي شڪست نظر اچي رهي آهي. پ پ سينيٽر پلوشا خان چيو ته ووٽن جي خريداري ۽ وڪرو ن ليگ جو پراڻو طريقو آهي، عطا تارڙ سمجهي رهيو آهي ته هو سندس ڌمڪيون برداشت ڪري وٺندا. هن چيو ته ن ليگ عطا تارڙ جي پٺڀرائي ڪري اهو سڀ ڪجهه ڪرائي رهي آهي، ن ليگ کان مطالبو آهي ته پنهنجي پوزيشن واضح ڪري سندس ماضي ۾ ماڊل ٽائون جهڙا واقعا موجود آهن. پ پ سينيٽر پلوشا خان چيو ته عطا تارڙ شڪست ڏسي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، اليڪشن ڪميشن کي سندس ڌمڪين تي نظر رکي ۽ نوٽيس وٺي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
5 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
19.9 ° C
19.9 °
19.9 °
20%
0.3m/s
0%
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون