عالمي شهرت رکندڙ پاڪستاني ڳائڻي علي ظفر پنهنجي پهرين اي آءِ ميوزڪ وڊيو ۾ ٿر جي هڪ سريلي ڳائڻي نرملا کي متعارف ڪرائي ڇڏيو.
عالمي شهرت رکندڙ پاڪستاني ڳائڻي علي ظفر سنڌ جي پٺتي پيل علائقي ٿرپارڪر جي ٽيلينٽ کي دنيا تائين پهچائي ڇڏيو.
علي ظفر پنهنجي ليبل لائٽنگيل رڪارڊز تحت ٿرپارڪر سان تعلق رکندڙ ڳائڻي نرملا جي پهرين گيت ”رنگ رسيا“ کي رليز ڪري سموريون رنڊڪون ٽوڙي ڇڏيون آهن.
گيت کي علي ظفر طرفان پروڊيوس ۽ ڊائريڪٽر ڪيو ويو آهي، گيت جي وڊيو ٺاهڻ ۾ پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو اي آئي ٽيڪنالوجي جو استعمال ڪيو ويو آهي.
علي ظفر پنهنجي هڪ ويجهڙ ۾ ڏنل انسٽاگرام پوسٽ ۾ لکيو ته ڪجهه سال پهريان، هن کي يوسف صلاح الدين طرفان واٽس ايپ تي هڪ گيت جو ڊيمو وصول ٿيو، جنهن ۾ نرملا سان سندس تعارف ڪرايو ويو هو، هو فوري طور نرملا جو آواز ۽ ڪمپوزيشن جي مهارت مان متاثر ٿي ويو.
علي ظر چيو ته ريگستان ۾ رهڻ باوجود جتي بنيادي ضرورتن جيئن پاڻي جي قلت آهي ۽ جتي معاشرتي اصول عورتن کي موسيقي جي پيروي ڪرڻ کان روڪين ٿا، اتي نرملا جو جذبو عير متزلزل رهيو، نرملا جي عزم هن کي گيت جي رڪارڊنگ، پروڊڪشن ۽ رليز جو واعدو ڪرڻ تي مجبور ڪيو.
علي ظفر چيو ته گيت جي رڪارڊنگ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ هن سوچي ورتو هو ته کين رڪارڊ ڪيل گيت جي وڊيو لاءِ واقعي ڪجهه خاص بڻائڻو آهي.
علي ظفر پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سماجي رابطي جي ويب سائٽ ايڪس تي ٽيگ ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهي نرملا جهڙين نوجوان ڇوڪرين کي بنا ڪنهن خوف جي پنهنجي خوابن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ڪن، خاص طور تي سنڌ جي پٺتي پيل علائقن ۾، نرملا جو سفر اميد جي هڪ طاقتور علامت طور آهي……..