- Advertisement -
پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته خيبرپختونخوا ۾ سرڪاري فنڊ ورهائڻ تي جهيڙا ٿي رهيا آهن، بئريسٽر صاحب حقيقت اها آهي ته توهان کان صوبو نه هلي رهيو آهي، ٻين تي الزام هڻندڙ پارٽي جا وزير پنهنجي ئي وڏي وزير کي ڪرپٽ قرار ڏئي رهيا آهن، تحريڪ انصاف مان اميدون رکندڙ ذهني مريض ۽ بيوقوف آهن.
بئريسٽر سيف جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ڏيندي عظميٰ بخاري چيو ته بئريسٽر صاحب حقيقت اها آهي ته توهان کان صوبو نه هلي رهيو آهي، جيڪار پارٽي ٻين تي ڪرپشن جا الزام هڻي ٿي، سندس پارٽي جا وزير پنهنجي ئي وڏي وزير کي چور ۽ ڪرپٽ قرار ڏئي رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف باني بابت مشهور هو ته هي کائيندو به آهي، کارائيندو به آهي پر لڳي نٿو، علي امين گنڊاپور بلڪل پنهنجي ليڊر جي نقش قدم تي نه هلي رهيو آهي، هو اڪيلو ئي کائي رهيو آهي پر ڪابينا کي نه کارائي رهيو آهي.
پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو ته خيبرپختونخوا ۾ سرڪاري فنڊ ورهائڻ تي جهيڙا ٿي رهيا آهن، هي ماڻهو پختونن جي قسمت تبديل ڪرڻ آيا هئا، تحريڪ انصاف مان اميدون رکندڙ ذهني مريض ۽ بيوقوف آهن- Advertisement -
