عوامي نيشنل پارٽيءَ جي سينيئر اڳواڻ زاهد خان سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ زاهد خان چيو ته هو هڪ سوچ ۽ نظريي واري سياست ڪري رهيا هئا، پر بدقمستيءَ سان ملڪ ۾ جيڪا سياست هلي رهي آهي، ان ۾ ڪٿي به نظريات ناهي.
هن چيو ته سياست ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون، پر موجوده حالتن ۾ هو وڌيڪ سياست نه ٿو ڪري سگهي.
زاهد خان چيو ته مستقبل جو فيصلو هو پنهنجي تڪ جي ماڻهن سان صلاح مشوري بعد ڪيو ويندو.
ڪجهه ڏينهن بزرگ سياستدان ۽ اي اين پي جي سينيئر اڳواڻ غلام احمد بلور به ايندڙ اليڪشن ۾ حصو نه وٺڻ جو اعلان ڪيو هو.