عوام مسئلن جي حل سان گڏوگڏ عوام ۾ اهو احساس پيدا ڪرڻ به ضروري آهي ته حڪومت هر قدم تي عام ماڻهو سان گڏ بيٺل آهي:بلاول ڀٽو زرداريءَ

spot_img
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو آهي ته عوام مسئلن جي حل سان گڏوگڏ عوام ۾ اهو احساس پيدا ڪرڻ به ضروري آهي ته حڪومت هر قدم تي عام ماڻهو سان گڏ بيٺل آهي. بلاول ڀٽو زرداريءَ سان سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ملاقات ڪئي، جنهن دراون هن صوبائي حڪومت جي ڪارڪردگيءَ اجاگر ڪرڻ بابت قدمن تي بريفنگ ڏني. شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ عوام جي خدمت جي تسلسل جي عمل کي اجاگر ڪرڻ لاءِ صوبائي اطلاعات کاتو پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي. بريفنگ ۾ سينيئر صوبائي وزير چيو ته سنڌ ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جو ڄار وڇايو  پيو وڃي، ان سلسلي ۾ پيدا ٿيندڙ عوامي مسئلن کي به ترجيحي بنياد تي حل ڪيو پيو وڃي. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو ته عوام مسئلن جي حل سان گڏوگڏ عوام ۾ اهو احساس پيدا ڪرڻ به ضروري آهي ته حڪومت هر قدم تي عام ماڻهو سان گڏ بيٺل آهي. بلاول ڀٽو زرداريءَ سان ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب به بلاول هائوس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن دوران هن ڪراچيءَ ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليج کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ بابت بريفنگ ڏني. سندس چوڻ هو ته سينٽرل ضلعي ۾ ڪراچي ميٽرو پوليٽن يونيورسٽي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو خواب هو، يونيورسٽي جي ڪيترن کي شاگردن کي اسڪالرشپ به ڏني آهي. بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو ته سينٽرل ضلعي ۾ ميٽرو پوليٽن يونيورسٽي قائم ٿيڻ سٺو سنوڻ آهي. پ پ چيئرمين سان ڪي پي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊيءَ پڻ ملاقات ڪئي. بلاول هائوس ڪراچي ۾ ٿيل ملاقات دوران فيصل ڪريم ڪنڊيءَ ڪي پي جي وسيلن بابت وفاق جي غير منصفاڻي ورتاءَ بابت بلاول ڀٽو زرداري کي آگاهه ڪيو. ڪي پي جي گورنر صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بابت به پارٽيءَ چيئرمين کي بريفنگ ڏني. بلاول ڀٽو  زرداريءَ، فيصل ڪريم ڪنڊيءَ کي خيبرپختونخوا بابت وفاق جي ورتاءَ ۽ امن امان جي صورتحال تي صوبائي آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائڻ جي هدايت ڪئي.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
8.7 ° C
8.7 °
8.7 °
26%
1.7m/s
0%
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
18 °

تازه ترين خبرون