تازه ترين

عوام ڏڦيڙي سياست کي رد ڪندي معاشي پاليسين ۾ بهتري کي ترجيح ڏني آهي:وزيراعظم

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي عوام ڏڦيڙي سياست کي رد ڪندي معاشي پاليسين ۾ بهتري کي ترجيح ڏني آهي. وزيراعظم شهباز شريف ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي ڳالهائيندي چيو ته عوام مهانگائي ۾ گهٽتائي، پنهنجي مسئلن جو حل ۽ معاشي بهتري چاهي ٿو. هن چيو ته جلسن لاءِ ميدان ڀرڻ جي ڪوشش ڪرڻ بدران عوام جي معاشي حالت بهتر ڪرڻي پوندي، جلسا 2028 ۾ ڪندا، اڃا عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪرڻ لاءِ محنت ڪرڻ جو وقت آهي. سندس چوڻ هو ته معاشي بحالي سياسي استحڪام سان ڳنڍيل آهي، سياسي ڏڦيڙ جو مطلب عوام کي رليف ڏيڻ جي عمل کي متاثر ڪرڻ آهي، عوام سياسي استحڪام جي مضبوطي ۾ ڪردار ادا ڪري معاشي ترقي جي حمايت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته سياسي استحڪام لاءِ قوم جو اتحاد پاڪستان جي روشن معاشي مستقبل ۽ مهانگائي مان ڇوٽڪاري جي ضمانت ثابت ٿيندو. وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته معاشي چئلينج دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ قوم، سياسي پارٽين، ادارن ۽ صوبن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، سياسي ڏڦيڙ ۾ قوم ۽ ملڪ جو گهڻو وقت ضايع ٿي چڪو آهي، وڌيڪ وقت ضايع ڪرڻ ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ ناهي. هن چيو ته  وفاق سمورن صوبن سان گڏجي عوامي مسئلا حل، مهانگائي ۾ گهٽتائي، برابري ترقي لاءِ ڀرپور ساٿ ڏيڻ جي پاليسي جو پابند آهي، الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته مهانگائي سنگل ڊيجٽ ۾ واپس آئي آهي، معاشي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي، رپيو جو مستحڪم ٿيڻ ۽ وياج جي شرح گهٽجڻ اهو سڀ معاشي ترقي جو چٽو ثبوت آهي. وزيراعظم چيو ته هنن سڀني جو اصل هدف اهو هجڻ گهرجي ته آءِ ايم ايف جو آخري پروگرام هجي اها هوندي اصل ڪاميابي، گارين ۽ ڏڦيڙ پکيڙڻ سان معيشيت بهتر نه ٿيندي، هر صوبي ۽ اداري کي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
29.9 ° C
29.9 °
29.9 °
30 %
7.7kmh
23 %
آچر
29 °
سُومر
34 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون