تازه ترين

پاڪستان ۾ آءِ پي پيز  جي ڪريل ڪردار بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف

- Advertisement -
پاڪستان ۾ آءِ پي پيز  جي ڪريل ڪردار بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف ٿيو آهي. آءِ پي پيز طرفان ملڪي معيشيت تباهه ڪرڻ جون حقيقتون سامهون اچي ويون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ پي پيز بغير بجلي پيدا ڪرڻ جي حڪومت کان اربين رپيا وصول ڪيا. ذريعن موجب ڪجهه آءِ پي پيز غلط ٺيڪن ذريعي بجلي پيدا ڪرڻ کانسواءِ اربين رپين جي اوڳاڙي ڪئي. ذريعن موجب ڪوئلي جا ذخيرا هئڻ باوجود آءِ پي پيز مهانگائي فيول تي ڀاڙي رهيا آهن، آءِ پي پيز جي قدمن سبب بجلي مهانگائي پيدا ٿي رهي آهي. ذريعن موجب آءِ پي پيز جيترو امپورٽيڊ تيل گهرايو اوتري بجلي پيدا نه ڪئي ۽ حڪومت کان اربين رپين جي سبسڊي به حاصل ڪئي ۽ پلانٽن جي سار سنڀال جي مد ۾ حڪومت کان اربين رپيا وصول ڪيا جڏهن ته حقيقت ۾ سار سنڀال تي ان رقم جو چوٿون حصو به خرچ نه ٿيو. ذريعن موجب حڪومت ٽيڪس ڊيوٽي ۽ انشورنس جي مد ۾ به آءِ پي پيز کي مالڪ واري سهولت فراهم ڪئي ۽ سمورا خرچ برداشت ڪرڻ باوجود ٺيڪي جو مدو ختم ٿيڻ تي پلانٽس حڪومت جي ملڪيت نه هوندا. ذريعن موجب توانائي جي شعبي جي ماهرن جو چوڻ آهي ته آءِ پي پيز کي ڳريون ادائگين سبب حڪومت جي ٻين اهم شعبن ۾ سيڙپڪاري لاءِ سخت ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، آءِ پي پيز پنهنجي لاگت کان ڪيترائي سيڪڙو منافو ڪمائي چڪو آهي ان لاءِ معاهدن تي نظرثاني ڪئي وڃي. ماهرن جو چوڻ آهي ته آءِ پي پيز جي ڳٺجوڙ سبب حڪومت کي اربين رپين جو نقصان ٿي چڪو آهي، هاڻي ڪجهه آءِ پي پيز رضاڪاراڻي طور حڪومت سان ڳالهين ۽ قيمت گهٽ ڪرڻ لاءِ تيار آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
29.2 ° C
29.2 °
29.2 °
34 %
3kmh
0 %
آچر
34 °
سُومر
34 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون