تازه ترين

غزا بابت ٺهراءُ پاس ٿيڻ وقت سني اتحاد ڪائونسل طرفان نو نو جا نعرا شرم جوڳا آهن : شازيا مري

پيپلزپارٽيءَ جي ترجمان شازيا مري چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي ناڪاري سوچ وائکي ٿي رهي آهي، غزا بابت ٺهراءُ پاس ٿيڻ وقت سني اتحاد ڪائونسل طرفان نو نو جا نعرا شرم جوڳا آهن.

جاري ڪيل بيان ۾ شازيا مري چيو ته پي ٽي آءِ هجي يا سني اتحاد ڪائونسل غزا جي معاملي تي سنجيده ٿيڻ گهرجي، سڀني کي خبر آهي ته پي ٽي آءِ جي بنياد ۾  اسرائيلي فنڊنگ آهي.

هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ غزا ۾ فلسطينين جي نسل ڪشيءَ خلاف ٺهراءُ تي پي ٽي آءِ کليل نموني سامهون آئي.

شازيا مري چيو ته پي ٽي آءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي عدالتي قتل بابت ٺهراءَ جي به مخالفت ڪئي، 9 مئي جي ڏوهارين جي سوچ ملڪ کي ڏڦيڙ جو شڪار بڻائڻ آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
108,000SubscribersSubscribe
Pakistan
moderate rain
12.9 ° C
12.9 °
12.9 °
70 %
4.5kmh
31 %
ڇنڇر
13 °
آچر
16 °
سُومر
18 °
اڱارو
21 °
اربع
22 °

تازه ترين خبرون