تازه ترين

ڀارتي ماستر آن لائن ڪلاس دوران ماسترياڻي کي شادي جي آڇ، وڊيو وائرل

ڀارتي ماستر آن لائن ڪلاس دوران ماسترياڻي کي شادي جي آڇ ڪري ڇڏي جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل آهي .

ڀارتي ميڊيا تي شايع ٿيل رپورٽ موجب نونيت تيواري نالي ماستر آن لائن ڪلاس شروع ڪيو ته پويان وڏي سرپرائز جو پوسٽر لڳل هو، ساڻس گڏ ٽيچر سونا شرما موجود هئي .

نونيت ڳالهه شروع ڪئي ۽ سونا شرما جي طرفان ڌيان ڏيندي چيو ته هو نه رڳو پنهنجي پيشوراڻي زندگي پر ذاتي زندگي ۾ به سندس سهڪار جي اميد ڪري ٿو ۽ چاهي ٿو ته هو هميشه لاءِ سندس ساٿ ڏئي ۽ کيس سپورٽ ڪري.

مسڪرائيندي نونيت تيواري انڪشاف ڪيو ته ان لمحي جو انتظار سندس شاگردن کي به هو ۽ اهي به چاهين پيا ته هو کيس پرپوز ڪري.

نونيت تيواري چيو ته هو نه ٿو ڄاڻي ته غلط آهي يا صحيح پر بس پڇڻ چاهي ٿو ته ميڊم سونا ڇا توهان مون سان شادي ڪندئو .

جواب ۾ ليڊي ٽيچر سونا شرما چيو ته هن ڪڏهن به تصور نه ڪيو هو ته اهو لمحو اهڙي ڪئمرا تي رڪارڊ ٿي رهيو آهي، هن آڇ دل سان قبول ڪري ٿي پر سندس والدين سان ڳالهه ڪرڻي پوندي .

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
20 ° C
20 °
20 °
30 %
4.3kmh
100 %
ڇنڇر
19 °
آچر
22 °
سُومر
19 °
اڱارو
21 °
اربع
23 °

تازه ترين خبرون