آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر چيو آهي ته غزا جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، غزا جي موجوده صورتحال ڪنهن جي مفاد ۾ ناهي.
واشنگٽن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ميٿيو ملر چيو ته هو تڪرار جلد کان جلد ختم ڪري جٽادار حل ڪڍڻ چاهن ٿا.
سندس چوڻ هو ته ٻه رياستي حل ئي اڳتي جو رستو آهي، هو ڄاڻن ٿا ٻه رياستي حل ناقابل يقين حد تائين مشڪل آهي.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر چيو ته مسئلو حل نه ٿيو ته اسرائيل جا سڪيورٽي خدشا 7 آڪٽوبر کان پهريان جهڙا هوندا، بدقسمتي سان يهودين خلاف دشمني ۾ اضافو ٿيو آهي.