تازه ترين

غزا ۾ اسرائيلي حملن شهيد فلسطينين جو انگ ارڙهن سئو کان وڌي ويو

غزا ۾ اسرائيلي حملن شهيد فلسطينين جو انگ ارڙهن سئو کان وڌي ويو آهي، اسرائيل يارهن لک فلسطينين کي 24 ڪلاڪن اندر غزا خالي ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي، جنهن ڪري غزا جي رهواسين لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، حماس دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيلي حملن ۾ پرڏيهين سميت تيرهن يرغمالي ماريا ويا آهن.

غزا تي اسرائيل جي بمباري جاري آهي، جنهن سبب 583 ٻارن سميت 18 سئو کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن، جڏهن ته زخمين جو انگ 6 هزار 388 کان وڌي ويو آهي ۽ 4 لک 23 هزار کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن.

اسرائيلي فوج 24 ڪلاڪن اندر سمورن يارهن لک فلسطينين کي اتر غزا ڇڏي ڏکڻ غزا وڃڻ جو اليٽيميٽم ڏنو آهي، جڏهن ته حماس شهرين کي علائقي ۾ رهڻ جي اپيل ڪئي آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي بچاءَ واري وزير چيو ته هي جنگ جو وقت آهي، اسرائيل طرفان غزا تي بمباري جاري آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ غزا شهر ۾ نمايان آپريشن ڪيو ويندو، شهري تڏهن ئي واپس وڃي سگهندا، جڏهن ٻيهر اعلان ڪيو ويندو.

اسرائيلي فوج موجب غزا جي شهري حفاظت لاءِ ڏکڻ واري پاسي هليا وڃن ۽ پاڻ کي حماس کي پري ڪن.

اسرائيل جي اعلان بعد ماڻهو ڏکڻ غزا طرف منتقل ٿي رهيا آهن.

ان کانسواءِ اسرائيل طرفان زميني حملي جا خدشا وڌي ويا آهن، برطانوي ميڊيا موجب اسرائيل غزا سرحد تي زميني حملي جي تياري ڪري رهيو آهي، فوجي دتا، ڳرا توپ خانا ۽ ٽينڪون جمع ڪيون پيون وڃن.

گڏيل قومن خبردار ڪيو آهي ته ايڏي انگ ۾ لڏپلاڻ سولي ناهي، اڳ ئي 4 لک 23 هزار فلسطيني بي گهر ٿي چڪا آهن، اسرائيلي شهرين کي لڏپلاڻ ڪرڻ وارو حڪم واپس وٺي.

فلسطيني صحت واري وزارت غزا تي اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ هيل تائين ارڙهن سئو 37 ماڻهن جي شهادت ۽ 6 هزار 388 ماڻهو زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي، جن ۾ 583 ٻار ۽ 248 عورتون شامل آهن.

اسرائيل  جي صحت واري وزارت حماس جي حملن ۾ 13 سئو شهرين جي مارجڻ ۽ 28 سئو جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي.

حماس اسرائيلي هوائي حملن ۾ پرڏيهين سميت تيرهن يرغمالين جي مارجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.،

حماس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته اسرائيلي ويڙهاڪ جهازن پنجن هنڌن کي نشانو بڻايو، جن ۾ تيرهن قيدي مارجي ويا آهن.

هوڏانهن آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن فلسطيني صدر محمود عباس ۽ اردن جي شاهه عبدالله سان ملاقاتون ڪيون آهن.

ملاقاتن دوران غزا جي تازي صورتحال سميت ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

آمريڪي پرڏيهي وزير جي اردن جي بادشاهه ۽ فلسطيني صدر وچ ۾ ملاقاتن خلاف اردن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

اردرن ۾ جمعي جي نماز کانپوءِ شهرين غزا جي شهرين جي حق ۾ وڏي ريلي ڪڍي وئي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
119,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
16.7 ° C
16.7 °
16.7 °
26 %
0.6kmh
0 %
آچر
17 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °
اربع
27 °
خميس
27 °

تازه ترين خبرون