تازه ترين

غزا ۾ اسرائيلي فورسز جي بمباري ۾ وڌيڪ 52 فلسطيني شهيد

غزا ۾ اسرائيلي فورسز جي بمباري ۾ وڌيڪ 52 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن.

غزا ۾ انسانيت جو ڪوس جاري آهي، پرڏيهي ميڊيا موجب غزا جي مختلف علائقن ۾ اسرائيلي فورسز جي بمباري ۽ حملن ۾ وڌيڪ 52 فلسطيني شهيد ٿي ويا.

دير البلاح ۾ اسرائيل فوج جي ميزائل حملي سبب 12 ڄڻا شهيد ٿي ويا، جڏهن ته اتر غزا ۾ حملن ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 26 ڄڻن شهادت ماڻي.

العودي اسپتال تي اسرائيلي بمباري سبب 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ايمرجنسي شعبي کي  نقصان رسيو، اسرائيلي فورسز العودي اسپتال خالي ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي.

اتر غزا جي علائقي الزوائده ۾ ڪارتي ڊرون حملي ۾ 2 ڄڻا شهيد ٿي ويا، اهڙي طرح اسرائيلي اسرائيلي آبادڪارن جي اولهندي ڪناري تي حملي ۾ 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا ۽ پنجن گاڏين کي باهه ڏيئي ساڙيو ويو.

غزا ۾ 7 آڪٽوبر  2023 کان هيل تائين 45 هزار 658 ماڻهو شهيد ۽ هڪ لک 8 هزار 583 ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
few clouds
31.8 ° C
31.8 °
31.8 °
15 %
6kmh
17 %
ڇنڇر
33 °
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
33 °
اربع
36 °

تازه ترين خبرون