تازه ترين

غزا ۾ اسرائيلي فورسز جي بمباري ۾ وڌيڪ 52 فلسطيني شهيد

- Advertisement -
غزا ۾ اسرائيلي فورسز جي بمباري ۾ وڌيڪ 52 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن. غزا ۾ انسانيت جو ڪوس جاري آهي، پرڏيهي ميڊيا موجب غزا جي مختلف علائقن ۾ اسرائيلي فورسز جي بمباري ۽ حملن ۾ وڌيڪ 52 فلسطيني شهيد ٿي ويا. دير البلاح ۾ اسرائيل فوج جي ميزائل حملي سبب 12 ڄڻا شهيد ٿي ويا، جڏهن ته اتر غزا ۾ حملن ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 26 ڄڻن شهادت ماڻي. العودي اسپتال تي اسرائيلي بمباري سبب 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ايمرجنسي شعبي کي  نقصان رسيو، اسرائيلي فورسز العودي اسپتال خالي ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي. اتر غزا جي علائقي الزوائده ۾ ڪارتي ڊرون حملي ۾ 2 ڄڻا شهيد ٿي ويا، اهڙي طرح اسرائيلي اسرائيلي آبادڪارن جي اولهندي ڪناري تي حملي ۾ 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا ۽ پنجن گاڏين کي باهه ڏيئي ساڙيو ويو. غزا ۾ 7 آڪٽوبر  2023 کان هيل تائين 45 هزار 658 ماڻهو شهيد ۽ هڪ لک 8 هزار 583 ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
28.1 ° C
28.1 °
28.1 °
39 %
2kmh
12 %
اڱارو
28 °
اربع
32 °
خميس
34 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون