تازه ترين

غزا ۾ امن لاءِگڏيل قومن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو : ممتاز زهرا بلوچ

پاڪستان غزا ۾ فلسطينين جي قتل عام جي سخت مذمت ڪئي آهي، پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ آهي ته نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ تاشقند ۾ اي سي او اجلاس ۾ غزا ۾ اسرائيلي بربريت جي سخت مذمت ڪئي ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب فلسطين مسئلو حل ڪرڻ تي زور ڀريو، اسرائيل کي چوٿين جنيوا ڪنوينشن جو احترام ڪرڻ گهرجي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي  غزا ۾ امن لاءِ قدم کڻڻ گهرجن.

اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان فلسطين بابت اوآءِ سي اجلاس جي آجيان ڪري ٿو، نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ اجلاس ۾ شرڪت لاءِ سعودي عرب روانو ٿي ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ تاشقند ۾ اي سي او اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ پاڪستان جو موقف پيش ڪيو جڏهن ته نگران وزيراعظم گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب فلسطين مسئلو حل ڪرڻ تي زور ڀريو.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته هٿين خالي فلسطيني شهرين تي اسرائيلي ظلم مذمت جوڳو عمل آهي، فوجي آپريشن ۾ ٽيڪٽيڪل وقفي سان غزا ۾ انساني امداد پهچائڻ ممڪن ناهي، پاڪستان غزا ۾ مڪمل جنگبندي جو حامي آهي.

هن چيو ته نگران وزيراعظم جو پاڪستان جي اميگريشن پاليسي بابت بيان بلڪل واضح هو افغان عبوري حڪومت کي خطرن کان آگاهه ڪيو ويو آهي، پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي جتي آئين ۽ قانون مذهب تي عمل ڪرڻ جي آزادي فراهم ڪن ٿا، پاڪستاني قانون اقليتن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪري ٿو.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته ڀارت ڪشميرين جي آزاديءَ واري حق جو احترام ڪري، پاڪستان ڪشميرين جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو…….

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
120,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
0.6 ° C
0.6 °
0.6 °
33 %
4.5kmh
0 %
خميس
10 °
جمعو
11 °
ڇنڇر
13 °
آچر
14 °
سُومر
12 °

تازه ترين خبرون