- Advertisement -
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته سڀاڻي ميچ تمام گهڻي اهم آهي، حڪمت عملي تحت ميدان تي لهندا، فخر زمان 20 کان 30 اوورن تائين بيهي ويو ته ٽارگيٽ حاصل ڪري وٺندا، ڪپتان طور مٿس ڪنهن به قسم جو ڪو به دٻاءُ ناهي.
ڪولڪته ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بابراعظم چيو ته سندن ذهن ۾ نيٽ رن ريٽ جو پلان آهي، ان جي پٺيان ويندا جيڪڏهن فخر زمان 20 يا 30 اوور کيڏي ويو ته هو ان کي حاصل ڪري وٺندا.
سندس چوڻ هو ته ڪنهن هڪ شعبي ۾ نه پر ٽيم جي حيثيت ۾ بهتر راند نه کيڏي، ڪرڪيٽ ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو هو بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو ته افغانستان ۽ ڏکڻ آفريڪا خلاف ميچ کٽڻ گهرجي ها، اميد ته هر موقعي تي هاڪاري رکڻ گهرجي، ڪوشش ڪندا ته غلطين مان سکن هن ليول تي غلطي جي گنجائش ناهي هوندي.
هن چيو ته سندس ڪارڪردگي اهڙي ناهي جو ماڻهو چون تي مٿس دٻاءُ آهي، گذريل ٽن سالن کان هو پرفارم ڪري رهيو هو ۽ ڪپتاني به ڪري رهيو هو.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو ته ڪنهن کي مشورو ڏيڻو آهي ته نمبر سڀني وٽ آهي، ٽي وي تي ويهي ڳالهائڻ سولو آهي، ٽيم جو فيصلو ڪوچر ۽ ڪپتان جو هوندو آهي.
هن چيو ته هن وقت سندس فوڪس ايندڙ ميچ تي آهي، ڪپتاني جي مستقبل کي بعد ۾ ڏٺو ويندو، ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ هو فائنل تائين آيا هئا ۽ پڄاڻي سٺي نه ڪري سگهيا.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو ته هو ون ڊي ۾ نمبر ون به رهيا آهن، کين ڀارت ۾ گهڻو پيار ۽ سپورٽ ملي، بيٽر طور بهتر پڄاڻي ۽ ٽيم کي ڪاميابي جي ڪوشش هدف هو، هو مڃي ٿو ته اميدن موجب پرفارم نه ڪري سگهيا.- Advertisement -
