تازه ترين

غزا ۾ عيد تي به اسرائيل جي بمباري جاري، وڌيڪ 125 فلسطيني شهيد

- Advertisement -
غزا ۾ عيد تي به اسرائيل جي بمباري جاري رهي جنهن سبب حماس جي سربراهه اسماعيل هانيه جي ٽن پٽن سميت وڌيڪ 125 فلسطيني شهيد ٿي ويا. عرب ميڊيا موجب، غزا تي اسرائيل جي بمباري ۾ 24 ڪلاڪن دوران گهٽ ۾ گهٽ 125 هٿين خالي فلسطيني شهيد ٿي ويا. شهيدن ۾ حماس جي سربراهه اسماعيل هانيه جا 3 پٽ ۽ پوٽا به شامل آهن، جڏهن ته اسرائيلي بمباري ۾ ڪيترائي فلسطيني زخمي به ٿي پيا. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين 33 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ 76 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن. حماس جي سربراهه اسماعيل هانيه الجزيره سان ڳالهائيندي پٽن جي شهادت جي تصديق ڪندي چيو ته سندس پٽ حازم، عامر ۽ محمد اتر غزا ۾ پناهگير ڪيمپ ۾ مٽن مائٽن سان عيد ملي رهيا هئا ته نشانو بڻايو ويو. هن چيو ته ٽن پٽن سان گڏ پوٽا به بمباري ۾ شهيد ٿي ويا آهن، سندس ٻچن جو رت فلسطيني عوام جي ٻچن کان وڌيڪ قيمتي ناهي. حماس جي سربراهه اسماعيل هانيه چيو ته سندس خاندان تي حملو اسرائيل جي ناڪامي کي ظاهر ڪري ٿو، گهرڀاتين کي نشانو بڻائڻ باوجود هو پٺتي نه هٽندا……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.9 ° C
20.9 °
20.9 °
45 %
1.8kmh
0 %
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
31 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون