تازه ترين
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي فلسطيني رياست جي قيام ۽ اسرائيل کان والاريل فلسطيني علائقن مان نڪرڻ جو مطا... وزيراعظم شهباز شريف جي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان رياض ۾ ون واٽر سربراهي اجلاس جي موقعي تي ملاق... وزيراعظم شهباز شريف فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون سان ملاقات ڪئي وچ اوڀر جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي ڳڻتي آهي، اسرائيل خطي جي سلامتي ۽ سڪيورٽي داءَ تي لڳائي ڇڏي:اسحاق ڊ... ڏکڻ ڪوريا جي صدر ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪري ڇڏيو ميرپورخاص جي عدالت ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جو لاش ساڙڻ واري ڪيس ۾ ٻن مک جوابدارن جون ضمانتون رد پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي جو سلسلو برقرار، هنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک 4 هزار 225 پوائنٽس جي حد پار ڪري ... شدت پسندي ۽ انتهاپسندي پي ٽي آءِ جي عادت رهي آهي: ناصر شاهه ڪي اليڪٽرڪ بجليءَ جا بل ادا نه ڪرڻ تي پاڪستان ريلوي جي بجلي ڪٽڻ شروع ڪري ڇڏي هڪ بهتر پاڪستان جي تعمير ۾ معذور ماڻهن جي ڪردار ۽ انهن جي خدمتن کي تسليم ڪيو وڃي : بلاول ڀٽو زرداري

غزا ۾ فوجي ڪاررواين سبب سعودي عرب اسرائيل کي تسليم ڪرڻ واري پنهنجي موقف ۾ تبديلي آڻي ڇڏي

غزا ۾ فوجي ڪاررواين سبب سعودي عرب اسرائيل کي تسليم ڪرڻ واري پنهنجي موقف ۾ تبديلي آڻي ڇڏي، آمريڪي سينيٽ جي سخت شرطن سبب آمريڪا ۽  سعودي عرب ۾ وڏو فوجي ٺاهه به رولڙي جو شڪار ٿي ويو.

آمريڪي سرڪار سعودي عرب کي اهڙي آڇ ڪئي هئي ته اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جي موٽ ۾ هو ساڻس وڏو فوجي ٺاهه ڪندو.

هلندڙ سال جي شروع ۾ ڪيل اهڙي آڇ جي جواب ۾ سعودي عرب، فلسطيني رياست واري مطالبي تي پنهنجي موقف ۾ نرمي آندي هئي.

غزا ۾ فلسطينين خلاف اسرائيلي فوجي ڪاررواين جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل ڪاوڙ کانپوءِ سعودي سرڪار  پنهنجي پاليسي ۾ تبديلي آڻي ڇڏي.

سعودي سرڪار اسرائيل کي قبول ڪرڻ لاءِ فلسطيني رياست قائم ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ وارو شرط ٻيهر سامهون آندو.

اسرائيلي وزيراعظم سعودي عرب سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي پر ٻه رياستي فارمولي تي مقامي طور اسرائيلين جي مخالفت کي منهن ڏئي رهيو آهي.

اسرائيل ۽ سعودي عرب تي تازي جنگ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل دٻاءَ سبب جنوري ڌاري آمريڪا ۾ وڏي فوجي ٺاهه بدران وچٿرو ٺاهه ٿيڻ جا امڪان آهن.

جيسيستائين سعودي عرب باقاعده اسرائيل کي تسليم نه ڪندو تيستائين آمريڪي سينيٽ وڏي فوجي ٺاهه جي منظوري نه ڏيندي.

وڏي ٺاهه تحت آمريڪي فوج ڪنهن به ٻاهرين حملي جي صورت ۾ سعودي ڌرتي جو بچاءُ ڪرڻ لاءِ  پابند هوندي.

وچٿري ٺاهه جي نتيجي ۾ هاڻي آمريڪا ۽ سعودي عرب وچ ۾ گڏيل فوجي مشقون ۽ فوجي فرمن وچ ۾ سهڪار ممڪن هوندو.

سعودي عرب کي جنوري ۾ آمريڪا سان فوجي سهڪار وارو ٺاهه ملي ويندو پر جاپان يا ڏکڻ ڪوريا جهڙو فوجي سهڪار في الحال نه ملي سگهندو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
120,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
6.4 ° C
6.4 °
6.4 °
55 %
2.4kmh
0 %
اربع
15 °
خميس
15 °
جمعو
14 °
ڇنڇر
14 °
آچر
11 °

تازه ترين خبرون