غزا ۾ فوجي ڪاررواين سبب سعودي عرب اسرائيل کي تسليم ڪرڻ واري پنهنجي موقف ۾ تبديلي آڻي ڇڏي، آمريڪي سينيٽ جي سخت شرطن سبب آمريڪا ۽ سعودي عرب ۾ وڏو فوجي ٺاهه به رولڙي جو شڪار ٿي ويو.
آمريڪي سرڪار سعودي عرب کي اهڙي آڇ ڪئي هئي ته اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جي موٽ ۾ هو ساڻس وڏو فوجي ٺاهه ڪندو.
هلندڙ سال جي شروع ۾ ڪيل اهڙي آڇ جي جواب ۾ سعودي عرب، فلسطيني رياست واري مطالبي تي پنهنجي موقف ۾ نرمي آندي هئي.
غزا ۾ فلسطينين خلاف اسرائيلي فوجي ڪاررواين جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل ڪاوڙ کانپوءِ سعودي سرڪار پنهنجي پاليسي ۾ تبديلي آڻي ڇڏي.
سعودي سرڪار اسرائيل کي قبول ڪرڻ لاءِ فلسطيني رياست قائم ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ وارو شرط ٻيهر سامهون آندو.
اسرائيلي وزيراعظم سعودي عرب سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي پر ٻه رياستي فارمولي تي مقامي طور اسرائيلين جي مخالفت کي منهن ڏئي رهيو آهي.
اسرائيل ۽ سعودي عرب تي تازي جنگ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل دٻاءَ سبب جنوري ڌاري آمريڪا ۾ وڏي فوجي ٺاهه بدران وچٿرو ٺاهه ٿيڻ جا امڪان آهن.
جيسيستائين سعودي عرب باقاعده اسرائيل کي تسليم نه ڪندو تيستائين آمريڪي سينيٽ وڏي فوجي ٺاهه جي منظوري نه ڏيندي.
وڏي ٺاهه تحت آمريڪي فوج ڪنهن به ٻاهرين حملي جي صورت ۾ سعودي ڌرتي جو بچاءُ ڪرڻ لاءِ پابند هوندي.
وچٿري ٺاهه جي نتيجي ۾ هاڻي آمريڪا ۽ سعودي عرب وچ ۾ گڏيل فوجي مشقون ۽ فوجي فرمن وچ ۾ سهڪار ممڪن هوندو.
سعودي عرب کي جنوري ۾ آمريڪا سان فوجي سهڪار وارو ٺاهه ملي ويندو پر جاپان يا ڏکڻ ڪوريا جهڙو فوجي سهڪار في الحال نه ملي سگهندو.